سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي اين اي 249 تان ڪامياب ٿيل پي ٽي آءِ اميدوار فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي اين اي 249 تان ڪامياب ٿيل پي ٽي آءِ اميدوار فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي، عدالت فيصل واوڊا سميت ٻين ڌرين کي 30 آگسٽ تائين جا نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

 پ پ اڳواڻ ايڊووڪيٽ قادرمندو خيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته آر او جي رڪارڊ ۾ فيصل واوڊا جي آمريڪي پاسپورٽ جو ذڪر ناهي، آر او منهنجي درخواست رد ڪئي هئي.

جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ۾ چيو ته نامزدگي ڪاغذات ۾ فيصل واوڊا جي ٽنهي ملڪن جي پراپرٽي بابت ذڪر آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پراپرٽي 65 سيڪڙو قرض تي آهي، پر انهن جو ڪو به فارن اڪائونٽ ناهي.

عدالت درخواست تي فيصل واوڊا سميت ٻين کي 30 آگسٽ تائين نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*