پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان حتمي فيصلن لاءِ اڄ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان حتمي فيصلن لاءِ اڄ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

بني گالا ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، عليم خان، پرويز خٽڪ سميت نون چونڊيل ميمبرز شرڪت ڪندا.

اجلاس ۾ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي ۽ اهم وزارتن تي نامزدگين سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته پارٽي جا سينيئر اڳواڻ عمران خان کي سفارشون به پيش ڪندا.

ذريعن موجب، عمران خان اجلاس ۾ مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان حتمي فيصلن جو امڪان آهي.

واضح رهي ته عمران خان اڄ پي ٽي آءِ بلوچستان جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪيو هو، جيڪو ملتوي ڪيو ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*