پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ووٽ جي رازداري ظاهر ڪرڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي گهري ورتي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ووٽ جي رازداري ظاهر ڪرڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي گهري ورتي، اليڪشن ڪميشن جواب ۽ حلفي بيان تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني ڪميشن عمران خان خلاف اين اي 53 اسلام آباد ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ دوران رازداري ظاهر ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ پيش ٿيو، جنهن پي ٽي آءِ چيئرمين جي صحيح سان سندس جواب ۽ حلفي بيان جمع ڪرايو.

عمران خان جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته هن ڄاڻي واڻي ووٽ جي رازداري ظاهر نه ڪئي، جڏهن ته رش سبب ووٽ ڪاسٽ ڪيو، کيس ڪئمرا جي حوالي سان ڄاڻ نه هئي.

چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي عمران خان کي 6 مهينا قيد جي سزا به ٿي سگهي ٿي.

بابر اعواڻ چيو ته عمران خان اليڪشن ايڪٽ جي پاسداري ڪري ٿو، کائنس غلطي ٿي وئي، جنهن جي هو غير مشروط معافي وٺي ٿو.

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي جواب ۽ حلفي بيان تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن عمران خان جي جواب تي سندس صحيح نه هئڻ سبب رد ڪندي اڄ کيس حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*