ڊيرا اسماعيل خان ويجهو مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 60 مسافر زخمي ٿي پيا

ڊيرا اسماعيل خان ويجهو مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 60 مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ مسافر بس ڊي آءِ اي خان ويجهو ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 60 مسافر زخمي ٿي پيا.

حادثي کانپوءِ پاڪ فوج جي جوانن ۽ امدادي ٽيمن پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي.

پوليس موجب، زخمين مان ڪجهه جي حالت سڌرندڙ هئڻ سبب کين صبح جو ناشتو ڪرائي اباڻن پڊن ڏانهن روانو ڪيو ويو، جڏهن ته حادثو ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*