لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس 1999 جي قانوني حيثيت کي چيلينج ڪندي نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف نيب ڪارروائيون

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس 1999 جي قانوني حيثيت کي چيلينج ڪندي نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف نيب ڪارروائيون روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

لائير فورم جي اڳواڻ اي ڪي ڊوڪر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ نيب جو 1999ع وارو آرڊيننس چيلينج ڪيو ويو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اڳوڻي آمر پرويز مشرف آئين کي معطل ڪري پي سي او تحت نظام هلايو، جڏهن ته 20 آپريل 2010 تي 18هين ذريعي پرويز مشرف جي قدم کي آئيني شڪل ڏني وئي.

اي ڪي ڊوڪر درخواست ۾ ڄاڻايو ته نيب آرڊيننس تحت قومي احتساب بيورو سڄي ملڪ ۾ هزارين ماڻهن خلاف ڪارروائيون ڪري کين تنگ ڪري رهيو آهي.

درخواست ۾ نيب جون ڪارروائيون روڪڻ جي اپيل ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته، نيب آرڊيننس کي ڪالعدم قرار  ڏنو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*