ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي جي فارم هائوس تان بيهوشي واري حالت ۾مليل ناري سان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي آهي

ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي جي فارم هائوس تان بيهوشي واري حالت ۾مليل ناري سان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي ملير منير شيخ چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس کي فارم هائوس تان ناري نمره بيهوشي واري حالت ۾ ملي، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ناري سان زيادتي جي تصديق ڪئي آهي

ايس ايس پي منير شيخ چيو ته ناري نمره دوست شاخه رخ سان گڏ فارم هائوس تي آئي هئي، جتي  شاهه رخ جا ٻيا 3 دوست به پهتا هئا.

هن چيو ته پوليس شاهه رخ سميت ٽن جوابدارن کي حراست ۾ ورتو، هڪ جوابدار فيضان فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

عباسي شهيد اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر سامعيه چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾  ناري نمره سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي.

هن چيو ته ناري کي نشي واريون ٽڪيون کارائڻ بعد کيس زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي.

ڊاڪٽر سليم چيو ته ڪيميڪل ٽيسٽ لاءِ ناري جي خون جا جزا موڪليا پيا وڃن، جنهن مان خبر پوندي ڪهڙي قسم جون ٽڪيون کاريون ويون آهن.

ٻئي طرف آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*