يمن ۾ فوجي موڪلڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، خواجه آصف

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن يمن ۾ فوج موڪلڻ بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته يمن ۾ فوجي موڪلڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو پر سعودي عرب جي سالميت کي خطرو ٿيو ته پاڪستان دفاع ڪندو ۽ ڪنهن به فوجي ڪارروائي کان اڳ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ يمن جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو  ويو.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان هن جنگ جي صورتحال ۾ آهي، اسان ٻين جي جنگ ۾ ڪيئن مداخلت ڪري سگهون ٿا.

خورشيد شاهه چيو ته ڪنهن ٻي ملڪ جي جنگ ۾ مداخلت ڪرڻ يا فوج موڪلڻ کان  اڳ اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي وڃي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مسلمان ملڪن ۾ مضبوط اتحاد قائم ڪيو، اسان کي به مسلم ملڪن ۾ اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ  گهرجي.

ايوان ۾ پاليسي بيان ڏيندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته يمن ۾ فوج موڪلڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو ۽ نه ئي پاڪستان جو ڪو وفد سعودي عرب وڃي رهيو آهي.

خواجه آصف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ مقدس رشتو آهي، جيڪڏهن سعودي عرب جي سالميت کي ڪو خطرو ٿيو ته پاڪستان ڀرپور دفاع ڪندو.

هن چيو ته پاڪستان اڳ ئي افغانستان ۾ بدامني جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، حڪومت جي موجوده صورتحال تي به نظر آهي، اهڙو ڪو به قدم نه کنيو ويندو جنهن سان اڳتي هلي خراب اثر پون.

خواجه آصف جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو به فوجي قدم کنيو ويو ته ان کان اڳ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويندو،اسان جي اها به ڪوشش آهي ته مسلمان ملڪن ۾ اتحاد برقرار رهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*