واٽر ڪميشن جو چيئرمين رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم ٽنڊو محمد خان پهچي ويو

واٽر ڪميشن جو چيئرمين رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم ٽنڊو محمد خان پهچي ويو، مختلف هنڌن تي واٽر سپلاءِ اسڪيمز جي معائني دوران ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي عملدارن کي ڇنڊ پٽي، واٽر ڪميشن سربراهه ڦليلي ڪئنال ۾گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي پڻ عملدارن کان سختيءَ سان پڇاڻو ڪيو.

ٽنڊي محمد خان آمد دوران واٽر ڪميشن جي چيئرمين رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم شهر جي مختلف علائقن ۾واٽر سپلاءِ ڊرينيج جي اسڪيمن جو معائنو ڪيو.

رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم طرفان شهر جي سومرا پاڙي، مشترڪه ڪالوني واٽر سپلاءِ اسڪيم، سون پاري ڊرينيج اسڪيم ۽ نصير آباد واٽر سپلاءِ اسڪيم جي معائني دوران ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن کي ڇنڊ ڪڍي.

ڦليلي ڪئنال ۾گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ تي واٽر ڪميشن سربراهه ناراضگي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کان سخت پڇاڻو ڪيو ۽ کين حڪم ڏنو ته هاڻي ڦليلي ڪئنال ۾گندو پاڻي ڇوڙ نه ڪيو وڃي.

ان موقعي تي رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم  شهر جي صفائي جي ناقص نظام تي ميونسپل جي چيئرمين سيد شاهنواز شاهه کان به سخت پڇاڻو ڪيو. کيس ڇنڊ پٽي ته فوري طور صفائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي.

واٽر ڪميشن سربراهه دوري دوران شهر جي ڊرينيج ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيمن ۾شڪايتن جو پڻ نوٽيس وٺندي ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*