اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ نوٽيس ٿيڻ باوجود 52 اڳوڻن پارليامينٽرين رهائشگاهون خالي نه ڪيون، سي ڊي اي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ نوٽيس ٿيڻ باوجود 52 اڳوڻن پارليامينٽرين رهائشگاهون خالي نه ڪيون، سي ڊي اي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

سي ڊي اي ترجمان موجب، نوٽيس جاري ٿيڻ باجود 52 اڳوڻن پارليامينٽرين رهائشگاهون خالي نه ڪيون آهن.

ڪيپٽن ڊولپمينٽ اٿارٽي پوليس ۽ مجسٽريٽ ساڻ ڪري پارليامينٽ لاجز مان رهائشگاهون خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سي ڊي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته آئين موجب، اڳوڻن پارليامينٽرين کي رهائشگاهون خالي ڪرڻيون هيون، پر 52 اڳوڻن ميمبرز گهر خالي ناهن ڪيا.

سي ڊي اي جو  چوڻ آهي ته گهر خالي نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته پوليس به مدد ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*