پاڪستان تحريڪ انصاف، چوڌري سرور کي پنجاب جي گورنر ۽ اسد قيصر قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف، چوڌري سرور کي پنجاب جي گورنر ۽ اسد قيصر قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير لاءِ نالي جو اعلان عمران خان ڪندو.

اسلام آباد ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، چوڌري محمد سرور ۽ جهانگير ترين سميت ٻين  اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پنجاب جي گورنر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ اميدوار جي نالن تي حتمي منظوري ڏني وئي.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چوڌري سرور کي پنجاب جي گورنر ۽ اسد قيصر قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد  ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته پنجاب ۾ وڏي وزير جي نالي جو اعلان پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ڪندو،

شاهه محمود قريشي چيو سنڌ ۾ جي ڊي اي، وفاق ۾ متحده ۽ پنجاب ۾ ق ليگ اتحادي هونديون، ان حوالي سان جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري غير مشروط حمايت جو اعلان ڪيو  آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*