گلگت ۾ پوليس چوڪي تي حملي جَي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي

گلگت ۾ پوليس چوڪي تي حملي جَي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي.

گلگت جي ڪارگاهه پوليس چوڪي تي دهشتگردن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

پوليس اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪارن کي ڊي ايڇ ڪيو منتقل ڪيو ويو.

گلگت جي ڊي سي موجب، ڊي ايڇ ڪيو منتقل ڪيل 5 اهلڪارن مان 3 دم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پوليس موجب، مارجي ويل دهشتگرد مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو، سندس فرار ٿيل ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا  وڃن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*