ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ 17 ارب روپيا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي، ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ 17 ارب روپيا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي، ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت ۾ ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نيب جو شاهد پيش نه ٿيڻ سبب ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

 عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته چوڌري نثار کي منهنجي بددعا لڳي آهي، اڄ سندس حشر ڏسڻ گهرجي، ملڪ جا گهڻا مسئلا  آهن، گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته اسان کي متحد ٿي قوم جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، پاڪستان ۾ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته اسان پوري قوم کي ڪراچي جي ننڍي مسئلي تي لالو کيت وٺي ويا هئاسين.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته حڪومت کي سڀني ڌرين سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جيئن مضبوط پاڪستان ٺاهي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*