ڪوئيٽا جي علائقي دالبندين ۾ بس ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جَي نتيجي ۾ 3 ايف سي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڪوئيٽا جي علائقي دالبندين ۾ بس ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جَي نتيجي ۾ 3 ايف سي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڪوئيٽا جي دالبندين واري علائقي ۾ سينڊڪ منصوبي جي ملازمن جي گاڏي گذري رهي هئي ته آپگهاتي ڌماڪو ٿيو.

ڪمشنر ڪوئيٽا هاشم غلزئي موجب، آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ايف سي اهلڪار ۽ 3 سينڊڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ 3 پرڏيهي ملازم زخمي ٿي پيا.

واقعي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپگهاتي ڌماڪي بابت اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي.

ڪمشنر ڪوئيٽا موجب، آپگهاتي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل اهڪارن ۽ ملازمن کي ڊي ايڇ ڪيو منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن حالت سڌرڻ ٻڌائي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*