لاهور جي عدالت، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي عزت کي ڇيهو رسائڻ بابت پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جي درخواست تي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي

لاهور جي عدالت، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي عزت کي ڇيهو رسائڻ بابت پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جي درخواست تي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور جي مقامي عدالت ۾ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جي عزت کي ڇيهو رسائڻ بابت عمران خان خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پيش نه ٿيو ۽ نه ئي وري سندس وڪيل جواب جمع ڪرايو.

نجم سيٺي جي وڪيل ٻڌايو ته عمران خان سندس اصيل خلاف غلط بياني ڪري مٿس ڪوڙا الزام مڙهي سندس عزت کي ڇيهو رسايو .

وڪيل استدعا ڪئي ته عدالت عمران خان کي هرجاڻي طور 10 ڪروڙ روپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي يا پي ٽي آءِ چيئرمين نجم سيٺي کان غير مشروط معافي وٺي.

عدالت اهڙي درخواست پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*