پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڄ پارٽي جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڄ پارٽي جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ حڪومت سازي سميت مختلف معاملن تي مشاورت ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، چوڌري سرور سميت ٻيا نوان چونڊيل ميمبرز شرڪت ڪندا.

ذريعن موجب،  بلوچستان مان به چونڊيل ميمبرز کي اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائن جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پي ٽي آءِ جي اجلاس ۾ مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان حتمي مشاورت ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*