اڳوڻي وفاقي وزير بشير احمد بلور تي آپگهاتي حملي جي سهولتڪار کي پشاور مان گرفتار ڪيو ويو

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ بشير احمد بلور تي آپگهاتي حملي جي سهولتڪار کي پشاور مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳجهن ادارن ۽ پشاور جي دهشتگردي جي خاتمي واري يونٽ ڪارروائي ڪري دهشتگرد محمد فضل کي گرفتار ڪيو.

سڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگرد فضل محمد بشير بلور تي آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگرد کي فاروق جي نالي سان سڃاڻيندو هو ۽ کيس ڪارروائي کان اڳ 2 ڏينهن پنهنجي گهر ۾ ترسايو.

ذريعن موجب، دهشتگرد فضل محمد کي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن.

واضح رهي ته عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر اڳواڻ بشير بلور تي 2012 ۾ پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ زخمين جي عيادت دوران آپگهاتي حملو ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هـُو شهيد ٿي ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*