سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي رقم منتقل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي

سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي رقم منتقل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي، ذريعن موجب ايف آءِ اي پاران جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ايف آءِ اي جي درخواست تي جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي رقم منتقل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.

ذريعن موجب اڄوڪي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

ايف آءِ اي دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جعلي اڪائونٽس جا وٽن پڪا ثبوت آهن.

واضح رهي ته ايف آءِ اي جعلي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي به درخواست ڏني آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*