احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي مختصر ڪارروائي بعد ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي مختصر ڪارروائي بعد ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نوازشريف کي بڪتر بند گاڏي ذريعي عدالت آندو ويو، ڪوريج نه ملڻ تي صحافين احتجاج به ڪيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف فليگ شپ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي جج ملڪ ارشد ڪئي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پيشي سبب احتساب عدالت ٻاهران اسيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي اڊيالا جيل مان انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ بڪتر بند گاڏي ذريعي عدالت ۾  آندو ويو، ان موقعي تي ميڊيا کي ويجهو اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

ڊپٽي ڪمشنر جي هدايت تي صحافين ۽ سياسي اڳواڻن  کي احتساب عدالت ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو، جڏهن ته سينيٽر چوڌري تنوير، سعديا عباسي، بيرسٽر ظفرالله ۽ پرويز رشيد  کي به عدالتي جي احاطي ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو.

پراسيڪيوٽر جي شاهد واجد ضياءُ ۽ نيب ٽيم به رڪارڊ کڻي احتساب عدالت پهتي.

نوازشريف کي مختصر ٻڌڻي بعد واپس اڊيالا جيل روانو ڪيو ويو، جڏهن ته ان موقعي تي ڪوريج جي اجازت نه ڏيڻ تي ميڊيا جي نمائندن سخت احتجاج ڪيو.

عدالت مختصر ٻڌڻي بعد ٻنهي ريفرنس جي ٻڌڻي  15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن بعد نوازشريف کي مختصر ٻڌڻي بعد اڍيالا جيل منتقل ڪيو ويو.

ٻئي طرف احتساب عدالت ٻاهران پوليس اهلڪار هوائي فائرنگ ڪئي ، جنهن کان  بندوق کسي وئي.

عدالت ايس پي ذيشان حيدر کان معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*