تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته ڪابينا سيمت سمورن معاملن تي فيصلا ٿي چڪا آهن

تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته ڪابينا سيمت سمورن معاملن تي فيصلا ٿي چڪا آهن، شفقت محمود چيو ته پاڪستان کي تمام گهڻن ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت جو نظام خراب ٿي چڪو آهي، سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڏينهن رات محنت ڪري مسئلن کي ختم ڪرڻو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين،

قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن کي حڪومت سان گڏجي هلڻ گهرجي، اپوزيشن کي درخواست ڪئي آهي ته هڪ نئين روايت جي شروعات ڪنداسين.

هن چيو ته ڪابينا سمورن سمورن معاملن تي  فيصلا ٿي چڪا آهن.

فواد چوڌري چيو ته عمران خان جي ٽيم ۾ پيشيواراڻا ۽ بهادر ماڻهو آهن، ماڻهن جون اميدون تمام گهڻيون آهن، ايتريون اميدون هجن ته خوف به لڳي ٿو.

شاهه محمود قريشي چيو ته عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين،

شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان وزيراعظم بڻجڻ بعد ڪٿي رهندو، ان جو به فيصلو جلد ڪيو ويندو، اسان کي عوامي مسئلن تي غور ڪرڻ گهرجي.

شفقت محمود چيو ته پاڪستان کي تمام گهڻن ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت جو نظام خراب ٿي چڪو آهي، سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڏينهن رات محنت ڪري مسئلن کي ختم ڪرڻو آهي.

اسد قيصر چيو ته اپوزيشن سان گڏجي چئلينجز کي منهن ڏينداسين، ڪوشش هوندي ته پوري ذميواري سان انصاف ڪيون……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*