خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي 15 هين اجلاس ۾ پريزائيڊنگ آفيسر اورنگزيب نلوٺا نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي 15 هين اجلاس ۾ پريزائيڊنگ آفيسر اورنگزيب نلوٺا نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو، جي يو  آءِ جا ميمبر دير سان پهتا ۽ اپوزيشن جماعتن واڪ آئوٽ به ڪيو.

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو 15هون اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي غير موجودگي سبب پريزائيڊنگ آفيسر اورنگزيب نلوٺا جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ اپوزيشن جماعتن جي نون چونڊيل ميمبرن ڪاريون پٽيون ٻڌي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس کان پهرين واڪ آئوٽ به ڪيو.

اسيمبلي  جي اجلاس ۾ آفيسر اورنگزيب نلوٺا نون چونڊيل صوبائي ميمبرن کان حلف ورتو، جنهن بعد ميمبرن رجسٽر تي صحيح به ڪئي.

صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جي يو آءِ جا ميمبر دير سان پهتا، جنهن بعد ٻيهر اجلاس ٿيو، پريزائيڊنگ آفيسر اورنگزيب نلوٺا نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو.

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي اسيمبلي جي عمارت  کي ريڊ زون قرار ڏنو ويو هو ۽ 4 سئو پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو. ………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*