بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو،  اسپيڪر راحيلا حميد دراني ميمبرن کان حلف ورتو

بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو،  اسپيڪر راحيلا حميد دراني ميمبرن کان حلف ورتو، ان موقعي تي  گيلري ۾ مهمان گنجائش کان وڌيڪ هئڻ سبب ماڻهن کي بيهڻو پيو.

بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راحيلا حميد دراني جي صدارت هيٺ  ٿيو. نون چونڊيل 60 ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

صوبائي  اسيمبلي جي اجلاس دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

حلف کڻڻ دوران اسيمبلي ۾ مهمانن جي گيلري ڀرجي وڃڻ سبب ماڻهن کي بيهڻو پيو.

ڪجهه ميمبرن حلف نه کنيو  آهي، ڇاڪاڻ ته   انهن تڪن جو نوٽفيڪشن جاري ناهي ڪيو ويو.

پي بي 35 مستونگ تي چونڊ نوابزاده سراج رئيساڻي جي شهادت سبب ملتوي ڪئي وئي هئي.

پي بي 26 ڪوئيٽا جا نتيجا ڪامياب اميدوار جي ٻٽي شهريت ۽ پي بي 41 واشڪ جا نتيجا چونڊ عمل ۾ مداخلت سبب روڪيا ويا آهن.

عورتن جي مخصوص سيٽن مان هڪ سيٽ جو نوٽيفڪيشن هن وقت تائين جاري ناهي ڪيو ويو.

بلوچستان عوامي پارٽي عام چونڊن ۾ سڀ کان وڏي جماعت اڀري سامهون آئي آهي.

صوبائي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نئين چونڊيل ميمبر عبدالخالق  هزارا  چيو ته بلوچستان ۾ امن امان ۽ گڊ گورننس سڀ کان وڏو مسئلو آهي،

عبدالخالق چيو ته ڪوئيٽا ۾  پيئڻ جي صاف پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، نئين حڪومت سان گڏ صوبي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ هو ڪردار ادا ڪندا رهندا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*