عوامي مسلم ليگ  جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته آصف علي زرداري 14 ورهين جو ٻار نه آهي

عوامي مسلم ليگ  جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته آصف علي زرداري 14 ورهين جو ٻار نه آهي، هو سڀني کان وڌيڪ سياڻو  سياستدان آهي، کيس خبر آهي ته ڪهڙي وقت ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي، هن  وقت ملڪ گهڻ مسئلن گهيريل آهي،  پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ  ڪڏهن به گڏ هلي نه سگهنديون.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد اڳڪٿي ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ڪڏهن به گڏ نه هلي سگهنديون،

 هن چيو ته اسان جمهوريت کي اڳتي کڻي هلنداسين، آرام پاڻ تي حرام قرار ڏئي عوام جو پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪنداسين.

عوامي مسلم ليگ  جي سربراهه چيو ته اپوزيشن جي سمورين جماعتن  سان دوستي جو هٿ ملائينداسين،

هن چيو ته آصف زرداري 14 ورهين جو ٻار نه آهي، هو سڀني کان سياڻو سياستدان آهي،

شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري هڪ بحري ٻيڙو آهي، جنهن کي خبر آهي ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي،

هن چيو ته عمران خان جتي بهتر سمجهندو، اتي مون کي مقرر ڪندو، عمران خان جي حڪومت ۾ شيخ رشيد غريبن جو آواز بڻجندو،

شيخ رشيد چيو ته الله اسان کي اڄ مضبوط ۽ محفوظ پاڪستان ڏنو آهي، مولانا فضل الرحمان کي به جشن آزادي جون واڌايون ڏيان ٿو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*