سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن قسم کڻي ورتو، اسپيڪر آغا سراج دراني ميمبرن کي سنڌي، انگريزي ۽ اردو ٻولي ۾ حلف کڻايو

   سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن قسم کڻي ورتو، اسپيڪر آغا سراج دراني ميمبرن کي سنڌي، انگريزي ۽ اردو ٻولي ۾ حلف کڻايو، جنهن کان پوءِ اجلاس 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪيو ويو.

 ايوان ۾ قسم کڻڻ بعد پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن نعريبازي ڪئي.

سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ سڀاڻي جمع ڪرايا ويندا، چونڊ 15 آگسٽ تي ٿيندي.

شيڊيول موجب قائد ايوان لاءِ نامزدگي ڪاغذ 15 آگسٽ تي جمع ڪرايا ويندا، 16 آگسٽ تي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي.

شيڊيول موجب وڏي وزير جي چونڊ 17 آگسٽ تي ٿيندي، ڪامياب ٿيل نئون وڏو وزير 17 آگسٽ جي شام جو ئي پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*