پاڪ فوج سربز شاداب پاڪستان جي عنوان سان قومي وڻڪاري مهم جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪ فوج سربز شاداب پاڪستان جي عنوان سان قومي وڻڪاري مهم جو اعلان ڪري ڇڏيو،  آءِ ايس پي آرموجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪندو، شروعاتي طور 20 لک ٻوٽا پوکيا ويندا.

ملڪ ۾ سرسبز پاڪستان جي عنوان سان قومي وڻڪاري مهم شروع ٿي رهي آهي، پاڪ فوج به مهم ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج قومي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندي.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قومي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪندو.

آءِ ايس پي آر موجب، وڻڪاري مهم جي شروعات ۾ سڄي ملڪ ۾ 20 لک ٻوٽا پوکيا ويندا،

آءِ ايس پي آر موجب، شروع ٿيل وڻڪاري مهم دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ ٻوٽا پوکيا ويندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*