تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته  هن وقت تائين پنجاب جي وڏي وزير جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته  هن وقت تائين پنجاب جي وڏي وزير جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، هن ڀيري اسان ماضي جي ڀيٽ ڀرپور انداز ۾  14 آگسٽ ملهائينداسين.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ تحريڪ انصاف سربراهه بني گالا روانگي وقت صحافين سان ڳالهيون ڪيون.

صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو 14 آگسٽ نه ملهائيندو، ان بابت اوهان جو ڇا چوڻ آهي ؟

جنهن تي عمران خان چيو ته هن ڀيرو ماضي جي ڀيٽ وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان 14 آگسٽ ملهائينداسين.

صحافي  سوال ڪيو ته ڇا پنجاب جي وڏي وزير جڳو فيصلو ٿي ويو آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هن وقت تائين پنجاب جي وڏي وزير جو ڪو به فيصلونه ٿي سگهيو آهي.

واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 15 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*