ڪي ٽي اين نيوز خيرپور جي رپورٽر خان محمد تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او سميت پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي

ڪي ٽي اين نيوز خيرپور جي رپورٽر خان محمد تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او سميت پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي بدران صحافين تي ئي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف صحافين ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو آهي، آءِ جِي سنڌ صحافين تي وحشياڻي تشدد جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

خيرپور پوليس صحافين تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او سميت پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي بدران ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر خان محمد، سندس پٽ ۽ ٻن ڪيمرا مَينن  تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جي مدعيت ۾ خان محمد، پٽ عديل، ڪئمرا مين فياض شيخ ۽ ڪئمرا مين جان محمد تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ دهشتگردي ايڪٽ 7 اَي ٽِي اَي شامل ڪيو ويو آهي.

صحافين تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف قلم ڌڻين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن ريلي ڪڍي ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

صحافين جو چوڻ هو ته پوليس گردي جي حد ٿي وئي آهي، هڪ تي صحافين کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، مٿان وري ڪيس داخل ڪري دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته صحافين تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او سميت ٻين اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ڪيس ختم ڪيا ويا وڃن.

هوڏانهن ملير، شڪارپور، ڊکڻ، ڀان سيد آباد، مٺي ۽ ٻين شهرن ۾ صحافين احتجاجي مظاهرا ڪري ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن خيرپور جَي بي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽنگ لاءِ ويل ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر خان محمد ۽ ڪئمرامين تي پوليس جَي وحشياڻَي تشدد  ڪيو ويو، جنهن ۾ صحافي خان محمد جي ٻانهن ٻڄي پئي هئي.

آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر کان معاملي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*