ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا سانحي ڪيس ۾ شڪيل عرف ڇوٽا سميت 4 جوابدارن کي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديا سانحي جي مک جوابدار شڪيل عرف ڇوٽا سميت 4 جوابدارن کي غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس ۾ 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پريڊي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي پريڊي پوليس شڪيل ڇوٽا، فاروق، زبير ۽ حنيف کي جسماني ريمانڊ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.

پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته شڪيل ڇوٽا سميت 4 جوابدارن کان مختلف ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي ۽ شڪيل ڇوٽا بلديا سانحي ۾ ملوث هئڻ جو به اعتراف ڪيو آهي ان ڪري 4 جوابدارن جو ريمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت پوليس جي درخواست تي شڪيل ڇوٽا سميت 4 جوابدارن کي 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*