سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سمال انڊسٽريز ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت نيب کي 20 سيپٽمبر تائين انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سمال انڊسٽريز ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت نيب کي 20 سيپٽمبر تائين انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي پيش ٿيو.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر انڪوائري مڪمل ڪرڻ جي مهلت طلب ڪئي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته رئوف صديقي ۽ ٻين خلاف انڪوائري حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جوابدارن ادارن ۾ ڪرپشن ڪرڻ سان گڏ اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو آهي.

عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ۽ نيب کي انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*