لاڙڪاڻي ۾12 سالن جي نينگر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ۾ زنجير سان ٻڌي ڇڏڻ واري واقعي جو ايس ايس پي سختيءَ سان نوٽيس وٺندي

لاڙڪاڻي ۾12 سالن جي نينگر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ۾ زنجير سان ٻڌي ڇڏڻ واري واقعي جو ايس ايس پي سختيءَ سان نوٽيس وٺندي دڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشيءَ کي معطل ۽ رورٽ ڪري ڇڏيو.

 دڙي ٿاڻي جي پوليس پاران 12 ورهين جي نينگر عمران بروھي کي موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري لاڪ اپ ۾ زنجير سان ٻڌي ڇڏڻ واري واقعي جو ايس ايس پي شبير سيٺار سختي سان نوٽيس ورتو آهي.

ايس ايس آفيس لاڙڪاڻو مان جاري ڪيل نوٽيس موجب نينگر کي لاڪ اپ اندر زنجير سان ٻڌي ڇڏڻ جي ڏوهه ۾ايس ايس پيءَ فوري طور تي دڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او فدا لانگاھ ۽ وڏي منشي رشيد ڀٽو کي معطل ۽ رورٽ ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف ايس ايس پي شبير سيٺار جو چوڻ آھي تھ نينگر عمران بروھي موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پڪڙيو ويو، جنھن جا سي سي ٽي وي فٽيج بھ آھن .

ايس ايس پي موجب، معاملي جي انڪوائري ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن پوليس اهلڪار ملوث نڪتا ته انهن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*