ڀان سيد آباد ڀرسان آبادگارن ٻنڀا شاخ ۾پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڀان سيد آباد ڀرسان آبادگارن ٻنڀا شاخ ۾پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 آبادگارن علي اڪبر ٽالپر، محمد رمضان بروهي، غلام عباس لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾سيوهڻ- دادو روڊ تي ٻئي ڏينهن به ڌرڻو هنيو، جڏهن ته احتجاج ڪندڙن پاڻي کوٽ خلاف زوردار نعريبازي به ڪئي.

 ان موقعي تي آبادگارن ٻڌايو ته ٻنڀا شاخ جي پڇڙي ۾پاڻي گذريل 20 ورهين کان اڻلڀ آهي ۽ 50 کان وڌيڪ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به دربدر آهن، سندن مال اڃ وگهي مري رهيو آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي دفعا آبپاشي کاتي کي دانهيو آهي پر، ڪنهن نوٽيس نه ورتو، هنن الزام هنيو ته منڍ جا آبادگار سندن حصي جو پاڻي چوري ڪن ٿا جنهن ۾ آبپاشي جا عملدار به ساڻن ملوث بڻيل آهن.

 آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*