ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين خيرپور جي رپورٽر خان محمد تي پوليس پاران وحشياڻو تشدد ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾صحافين توڙي سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين خيرپور جي رپورٽر خان محمد تي پوليس پاران وحشياڻو تشدد ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾صحافين توڙي سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

فيض گنج ۾ مظفر شر، ارشاد لاشاري، فاروق شر، انصاف لاشاري، غلام فريد هاليپوٽو،  ايوب آرائين ۽ اصغر شر جي اڳواڻيءَ ۾قلم ڌڻين ۽ سول سوسائٽي سميت شهرين ايس ايڇ او مشتاق جتوئي جي گرفتاري لاءِ مک چوڪ تي احتجاجي ريلي ڪڍي.

بهرام ۾ صحافين، سياسي ۽ سماجي  اڳواڻن الطاف سهاڳ، نادر مگسي، نصرالله پتوجو، گل شير مگسي ۽ محمد علي مگسي سميت ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميرو خان ۾ حاجن لڪ، انصار جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ صحافين احتجاجي ريلي ڪڍي  پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻو هنيو.

راڌڻ ۾ مظفر ڳورڙ، مرتضيٰ ڳورڙ، شمن سولنگي، يونس سولنگي ۽ علي حسن زرداري جي اڳواڻي ۾ريلوي ڦاٽڪ کان جلوس ڪڍي سيوهاڻي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

سيتا روڊ ۾ الھورايو کوسو، امتياز ٻگھيو، صداقت شاهه،  منور سولنگي، لالا ماجد ملاح،  اصغر علي، اقبال کوسو، ڪائونسلر راڻو باگڙي، محبوب سنڌي، خان محمد جانوري، غلام قادر ملاح، سڪندر علي ۽ سھراب چني جي اڳواڻي ۾ ڪي ٽي اين نيوز آفيس کان پريس ڪلب تائين مظاھرو ڪري خيرپور پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي.

ڪوٽڙي ۾ الطاف ڏاوچ، حسين خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سياسي توڙي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو  ڪيو.

جڏهن ته ڪنب، ڪوٽڏيجي، راڻي پور، گمبٽ، ڀريا سٽي، محراب پور، نواب شاهه، سڪرنڊ، دولت پور صفن ۽ ٻين شهرن ۾ به خيرپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته خيرپور ۾خان محمد مٿان تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او مشتاق جتوئي کي پوليس گرفتار ڪرڻ بدران تحفط ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪا سڌي سنئين پوليس گردي آهي.

 هنن چيو ته صحافين طرفان مظلومن جو آواز بڻجي عملدارن جي ڪارڪردگي عوام آڏو پيش ڪرڻ واري ڳالهھ عملدارن لاءِ برداشت جوڳي ناهي، جنهن جي نتيجي ۾ قلم ڌڻين مٿان تشدد ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

 هنن گهر ڪئي ته ايس ايڇ او مشتاق جتوئي سميت سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري وڃي…………

هنن سنڌ جي نگران وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته خان محمد  مٿان تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن  کي گرفتار ڪري ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين رپورٽر کي تحفظ ڏنو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*