اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران ليگي ڪارڪنن سخت احتجاج ڪيو آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران ليگي ڪارڪنن سخت احتجاج ڪيو آهي، هڪ ڪارڪن نوازشريف کي کڻي ايندڙ گاڏي مٿان چڙهي نعريبازي به ڪئي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن لاءِ نوازشريف کي اڄ ٻيهر اڊيالا جيل مان احتساب عدالت پهچايو ويو.

نوازشريف جي پيشي جي موقعي تي مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن احتساب عدالت جي ٻاهران احتجاج ڪيو،

هڪ ڪارڪنن نوازشريف کي کڻي ايندڙ گاڏي تي چڙهي نواز شريف جي حمايت ۾نعريبازي به ڪئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*