پنجاب اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو

پنجاب اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، مسلم ليگ ن جي ميمبر زيب النساءِ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي تصوير کڻي اسيمبلي ۾ پهتي ته سيڪيورٽي اسٽاف کيس روڪي ورتو، اسيمبلي اسٽاف چيو آهي ته ايوان ۾  ڪنهن کي به تصوير کڻي اچڻ جي اجازت ناهي، جنهن سبب زيب النساءِ کان تصوير واپس ورتي  وئي.

اسپيڪر راڻا محمد اقبال جي صدارت هيٺ پنجاب اسمبلي جو اجلاس ٿيو. جنهن دوران نون چونڊيل اسمبلي ميمبرن حلف کنيو.

پنجاب اسمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو انگ 175 آهي، جڏهن مسلم ليگ ن 162، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ق جي ميمبرن جو انگ  10، 10  آهي.

پنجاب اسمبلي جون 7 سيٽون ميمبرن جي قومي اسمبلي جو حلف کڻڻ سبب خالي آهن ۽ ٽن تڪن ۾ نتيجا دير جو شڪار آهن، جڏهن ته 3 تڪن ۾ چونڊ ملتوي ڪئي وئي هئي.

هوڏانهن مسلم ليگ جي ميمبر زيب النساءَ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تصوير سان گڏ اسمبلي پهتي ته سيڪيورٽي اسٽاف کيس دروازي وٽ ئي روڪي ورتو،

ان موقعي ته ن ليگي عورت کان اسمبلي جي سيڪيورٽي اسٽاف تصوير وٺڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن هن مزاحمت پڻ ڪئي.

اسمبلي اسٽاف چيو ته ايوان ۾ ڪنهن جي تصوير کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي، جنهن سبب عورت ميمبر زيب النساءَ سيڪيورٽي اسٽاف تصوير ورتي.

پنجاب اسيمبلي لاءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي.

پي ٽي آءِ طرفان اسپيڪر لاءِ چوڌري پرويز  الاهي ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ دوست محمد مزاري کي نامزد ڪيو ويو.

اپوزيشن طرفان پنجاب اسيمبلي جي  اسپيڪر لاءِ چوڌري اقبال گجر  کي نامزد ڪيو ويو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*