تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح شيرواني ۾ حلف کنيو هو

تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح شيرواني ۾ حلف کنيو هو، ساڳي روايت برقرار رکندي عمران خان به وزيراعظم جو حلف شيرواني ۾ کڻندو، جيڪڏهن مسلم ليگ جو رويو سٺو رهيو ته نوازشريف جي جيل ٽرائل واري فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيوته ائين نٿو ٿي سگهي ته توهان هزارين ماڻهن کي عدالت موڪلي ڇڏيو، جيڪي ماڻهو عدالت اچڻ چاهين ٿا انهن جي فهرست ڏيڻ گهرجي ها.

هن چيو ته ن ليگ جو اهوئي رويو رهيو ته نواز شريف جي جيل ٽرائل واري فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي.

هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جو اتحاد غيرفطري آهي، اهي گڏ نٿا هلي سگهن.

عمران خان جي حلف برداري واري تقريب واري سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح شيرواني ۾ حلف کنيو هو، اها روايت برقرار رکندي عمران خان به شيرواني پهري وزيراعظم جو حلف کڻندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*