خيبرپختونخواهه جي گادي واري شهر پشاور ۾ ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن

خيبرپختونخواهه جي گادي واري شهر پشاور ۾ ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، پوليس جو چوڻ  آهي ته ٻنهي ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ٻنهي ڄڻن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

پشاور جي ڪارخانو چيڪ پوسٽ ويجهو ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا.

اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي ڄڻن جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

پوليس موجب، ٻنهي ڄڻن جي هن وقت تائين سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته ٻنهي ڄڻن کي مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*