يمن جي جنگ ۾ ڀائيواري ڪرڻ درست نه آهي، عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان يمن ۾ فوج موڪلڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڏهن سالن کان اندروني جنگ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻين ملڪن جي جنگ ۾ ڀائيواري سان ملڪ کي نقصان پهچي سگهي ٿو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته ملڪ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ يمن جي جنگ ۾ ڀائيواري ڪرڻ درست نه آهي.

هن چيو ته پاڪ فوج ملڪ  ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ۾ رڌل آهي، قوم جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن.

عمران خان چيو ته پاڪستان اندروني دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻين ملڪن جي جنگ ۾ ڀائيواري سان نقصان ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*