ڀارت جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

ڀارت جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، حريت اڳواڻن جي سڏ تي وادي ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال آهي.

ڀارت جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، گڏيل مزاحمتي قيادت جي سڏ تي اڄ والاريل ڪشمير ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته انتظاميا مخالف احتجاج روڪڻ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪري ڇڏيا آهن.

حريت اڳواڻ سيد علي رضا گيلاني، ميرواعظ عمر فاروق ۽ ياسين ملڪ طرفان احتجاجي سڏ بعد سرينگر سميت سڄي ڪمشير جا سمورا ننڍا وڏا دڪان، بازارون ۽ اسڪول بند آهن جڏهن روڊن تي ٽريفڪ به معمول کان گهٽ آهي.

ٻئي پاسي ڪشمير ۾ ڀارتي فوج، پيرا ملٽري ۽ پوليس اهلڪارن جو وڏو انگ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ وڏين عمارتن تي شارپ شوٽر پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.

عوام جي چُر پر تي نظر رکڻ لاءِ حساس هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون پڻ لڳايون ويون آهن ………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*