پي پي 222 جلالپور پير والا مان چونڊيل تحريڪ انصاف جو ايم پي اي ملڪ غلام عباس کاکي فوت ٿي ويو

پي پي 222 جلالپور پير والا مان چونڊيل تحريڪ انصاف جو ايم پي اي ملڪ غلام عباس کاکي فوت ٿي ويو، جنازي نماز اڄ سندس اباڻي علائقي پلڪارا ۾ ادا ڪئي ويندي.

پنجاب جي صوبائي تڪ پي پي 222 جلالپور پيروالا تان چونڊيل پي ٽي آءِ  ايم پي اي ملڪ غلام عباس کاکي پي ٽي آءِ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهتو. جتي کيس دل جو دورو پيو.

غلام عباس کاکي کي فوري طور اسپتال پهچايو ويو، جتي هو علاج دوران قومه ۾ هليو ويو.

غلام عباس چار ڏينهن قومه ۾ رهڻ بعد گذريل رات  اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. سندس مڙهه اباڻي علائقي پهچايو ويو آهي، جتي سندس تدفين ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي پي پي 296 مان چونڊيل ميمبر طارق دريشڪ فوت ٿي چڪو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*