مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کي دهشتگردن وانگر عدالت آندو ويو

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کي دهشتگردن وانگر عدالت آندو ويو،  ٽرائل ڪورٽ نوازشريف کي ڪرپشن وارن الزامن مان بري ڪيو هو، اڄ اسان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شخص کي دهشتگردن جيان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  سان دهشتگردن کان به وڌيڪ برو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.

مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ ٻين کي الزامن مان بري ڪيو پر کيس  سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن.

شهباز شريف چيو ته اڄ مسلم ليگ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن احتساب عدالت پهچي منظم نموني پنهنجو  احتجاج رڪارڊ ڪرايو  آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*