هالاڻي ٿاڻي جي لاڪ اپ مان هڪ جوابدار فرار ٿي ويو، غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن کي جوابدار نامزد ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

هالاڻي ٿاڻي جي لاڪ اپ مان هڪ جوابدار فرار ٿي ويو، غفلت جو مظاهرو ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن کي جوابدار نامزد ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ شهر مان ماڻهن جا کيسا ڪٽڻ جي الزام هيٺ هڪ  جوابدار عبدالخالق ميراڻي کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪيو هو، جيڪو اڄ لاڪ اپ مان فرار ٿي ويو.

ٿاڻي جي لاڪ اپ مان جوابدار جي فرار ٿيڻ تي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، جنهن جو ايس ايس پي نوشهرو فيروز سختي سان نوٽيس ورتو آهي

ايس ايس پي جي حڪم تي هالاڻي ٿاڻي مان جوابدار جي فرار ٿيڻ جو 3 اهلڪارن اي ايس آءِ محرم ڪلو، ننڍي منشي عمران ۽ سپاهي پنجل شر مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن جي گرفتاري جي تصديق نه ٿي سگهي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*