سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊن ۾ پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويا، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر عهدن جو حلف کڻي ورتو
سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊن ۾ پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويا، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر عهدن جو حلف کڻي ورتو.
اسپيڪر جي چونڊن ۾ پ پ اميدوار آغا سراج دراني96 ووٽ کڻي ٻيهر اسپيڪر چونڊجي ويو، گڏيل مخالف ڌر اميدوار جاويد حنيف 59 ووٽ کڻي سگهيو، 3 ووٽ خارج ٿيا.
اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي چونڊن لاءِ 168 ميمبرن مان 158 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، تحريڪ لبيڪ جي ٽن ميمبرن ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو.
ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ پ پ اميدوار ريحانه لغاري 98 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي، گڏيل مخالف ڌر جي اميدوار رابعا اظفر 59 ووٽ کڻي هارائي وئي آهي.
اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري کي حلف عهدن جو قسم کڻي ورتو آهي.