قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿي رهي آهي، عمران خان پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿي رهي آهي، عمران خان پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، نون ليگ جي صدر شهباز شريف اپوزيشن پاران وزارت عظميٰ جي اميدوار طور نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان وزيراعظم جي چونڊ لاءِ پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا.

عمران خان جي نامزدگي فارم ۾ شيخ رشيد تجويز ڪندڙ ۽ فخر امام تائيد ڪندڙ طور صحيحون ڪيون.

عمران خان جي مقابلي ۾ گڏيل اپوزيشن طرفان نون ليگ صدر شهباز شريف وزيراعظم لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايا.

شهباز شريف جا وزيراعظم لاءِ نامزدگي فارم نون ليگ اڳواڻن خواجا آصف، احسن اقبال ۽ ڊاڪٽر درشن لعل جمع ڪرايا.

قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم لاءِ جمع ڪرايل فارمز جي ڇنڊڇاڻ اڄ شام جو 3 وڳي تائين ٿيندي، جڏهن ته سڀاڻي وزيراعظم جي چونڊ ڪئي ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*