پنجاب اسيمبلي ۾ اڄ نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، پي ٽي آءِ ۽ اتحادي جماعتن پاران اسپيڪر لاءِ چوڌري پرويز الاهي ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ دوست مزاري ميدان ۾ لٿل آهن
پنجاب اسيمبلي ۾ اڄ نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، پي ٽي آءِ ۽ اتحادي جماعتن پاران اسپيڪر لاءِ چوڌري پرويز الاهي ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ دوست مزاري ميدان ۾ لٿل آهن، نون ليگ پاران اسپيڪر لاءِ اقبال گجر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ملڪ وارث ڪـَلـــُو مقابلو ڪندا.
پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ لاهور ۾ اسپيڪر راڻا اقبال جي صدارت هيٺ ٿيندو، اجلاس ۾ ڳجهي ووٽنگ ذريعي نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي.
پي ٽي آءِ ۽ اتحادي جماعتن پاران اسپيڪر لاءِ چوڌري پرويز الاهي ۽ نون ليگ پاران اقبال گجر اميدوار آهن.
ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پي ٽي آءِ جي دوست محمد مزاري ۽ نون ليگ جي ملڪ وارث ڪـَلـــُو ۾ مقابلو ٿيندو…..