اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي نااهلي ۽ وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻڻ کان روڪڻ واري درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي نااهلي ۽ وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻڻ کان روڪڻ واري درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي، جسٽس شوڪت عزيز صديقي ۽ جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي نااهلي خلاف جسٽس ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ شهداءُ فائونڊيشن جي درخواستن تي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي.

درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ بينچ به جوڙي وئي آهي، نااهلي بابت درخواست تي جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته ٻي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس اطهر من الله  ڪندو.

تحريڪ انصاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ تي اعتراض جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته اڄ اعتراض داخل ڪرايا ويندا.

پي ٽي آءِ ذريعن موجب، جسٽس شوڪت عزيز صديقي پي ٽي آءِ بابت تاثر سٺو نه رکي، جسٽس اطهر من الله اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جو ساٿي ۽ ترجمان رهيو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*