عمران خان پاڻ کي ملڪ جو ٺيڪيدار سمجهي رهيو آهي، خالد مقبول صديقي

 ايم ڪيو ايم تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت نااهل قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، خالد مقبول صديقي چيو آهي ته عمران خان پاڻ کي پاڪستان جو ٺيڪيدار سمجهي رهيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ايم ڪيو ايم ايم اين ايز پاران پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان خلاف پارليامينٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين عمران خان خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.

ان موقعي تي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو ته عمران خان پاڻ کي ملڪ جو ٺيڪيدار سمجهي رهيو آهي پر کيس ڳالهائڻ جي تميز ئي ناهي.

خالد مقبول صديقي چيو ته عمران خان آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي، کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

هن چيو ته عمران خان جي هڪ يهودي ڌيءَ آهي، ڪيليفورنيا جي عدالت سندس خلاف فيصلو ڏئي چڪي آهي، اهڙو ماڻهو پاڪستان جي پارليامينٽ جو ميمبر ڪيئن ٿو ٿي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*