مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي وزيراعظم هائوس تائين پهتو آهي

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي وزيراعظم هائوس تائين پهتو آهي، هو گهڻي دير تائين هلي نه سگهندو ،هڪ نااهل شخص جهاز ۾ اسيمبلي ميمبرن کي آڻي رهيو آهي، اسان جي ماڻهن کي فون ڪري کين ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪراچيءَ ۾ تحريڪ انصاف جي ايم پي اي شهري تي تشدد ڪيو پر قانون ڪارروائي نه ڪئي.

پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته ڪراچيءَ ۾ تحريڪ انصاف جي ايم پي اي شهري تي تشدد ڪيو پر قانون ڪارروائي نه ڪئي، پهرين تشدد ڪيو ۽ بعد ۾ دٻاءُ وجهي ٺاهه ڪيو ويو.

هن چيو ته  پنجاب ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهيو آهي، اڃا عرمان وزيراعظم نه ٿيو آهي ۽ 25، 25 ماڻهو گڏ هلي رهيا آهن.

خواجا سعد رفيق چيو ته ڏسنداسين ته ڪهڙي ڪهڙي گورنر هائوس جون ڀتيون ڪرنديون، ڏسنداسين ته ڪهڙو ڪهڙو گهر استعمال نه ٿو ڪيو وڃي.

چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائي وزيراعظم هائوس تائين پهتو آهي گهڻي دير تائين هلي نه سگهندو.

خواجه سعد رفيق چيو ته هڪ نااهل شخص اسيمبلي ميمبرن کي جهاز ۾ کڻي اچي رهيو  آهي ۽ اسان جي ميمبرن کي فون ڪري ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*