تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي

تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، محمود خان وڏو وزير چونڊجي ويو. تحريڪ انصاف جي اميدوار محمود خان 77 ووٽ حاصل ڪيا ۽ مخالف ڌر جي نثار گل کي 37  ووٽ مليا.

خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر مشتاق احمد غني جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس جي شروعات پاڪ ڪلام جي تلاوت سان ٿي، جنهن کانپوءِ صوبائي اسيمبلي ميمبر عزيزالله جان پنهنجو حلف کنيو.

اجلاس ۾ وڏي وزير جي چونڊ جو عمل شروع ٿيو ته ڪي پي جي اسپيڪر مشتاق غني ايوان جا در بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

اسپيڪر چيو ته تحريڪ انصاف جو اميدوار محمود خان ووٽ وجهڻ لاءِ ميمبرن جي لابي نمبر ۾ 2 ۾ وڃي، مخالف ڌر جي اميدوار ميان نثار گل کي ووٽ ڏيندڙ ميمبر لابي نمبر هڪ ۾ وڃن.

ووٽنگ کانپوءِ محمود خان وڏو وزير چونڊجي ويو.

تحريڪ انصاف جي اميدوار محمود خان 77 ووٽ حاصل ڪيا ۽ مخالف ڌر جي نثار گل کي 37  ووٽ مليا کنيا…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*