مراد علي شاهه 97 ووٽ کڻي سنڌ جو ٻيو ڀيرو وڏو وزير چونڊجي ويو، سڀاڻي عهدي جو حلف کڻندو

مراد علي شاهه 97 ووٽ کڻي سنڌ جو ٻيو ڀيرو وڏو وزير چونڊجي ويو، سڀاڻي عهدي جو حلف کڻندو، گڏيل مخالف ڌر اميدوار شهريارمهر 61 ووٽ کڻي سگهيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي، مراد علي شاهه 97 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي.

گڏيل مخالف ڌر اميدوار شهريارمهر 61 ووٽ کڻي سگهيو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي ٽن ۽ ايم ايم اي جي هڪ ميمبر ووٽنگ واري عمل ۾ حصو نه ورتو آهي.

مراد علي شاهه سڀاڻي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو، وقتي گورنر کيس قسم کڻائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*