سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ وڏي وزير جي چونڊ بعد اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪامياب ٿيل وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي

سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ وڏي وزير جي چونڊ بعد اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪامياب ٿيل وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پ پ  جهموريت تي يقين رکي ٿي، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، ان ڪري پاڻي کوٽ آهي.

هن چيو ته هن ڀيري چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ووٽن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، عوام مخالفن کي ر ڪيو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 10 سال عوام جي خدمت ڪئي، هاڻي به ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

هن چيو ته مسئلا گهڻا آهن پر اوهان کي ڪراچي ۾ فرق نظر ايندو، 2 سالن ۾ سڀ ٺيڪ نه پر فرق ضرور نظر ايندو.

مراد علي شاهه چيو ته طارق، ڊفينس ۽ صدر ۾ فرق نظر نٿو اچي؟  پ پ کي اليڪشن ۾ آزادي نه ڏني وئي، 85 سيڪڙو سيٽون کسيون ويون آهن.

هن چيو ته ننڍن صوبن جي حقن جو خيال نه رکيو ويو آهي، اهو دور ياد آهي جڏهن ماڻهن جي زبان بند ڪئي ويندي هئي.

مراد علي شاهه چيو ته آمريت واري دور ۾ پاڪستان سدائين ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي، ماڻهو تبديلي جي ڳالهه ڪن ٿا، پر پنهنجي اصليت وساري ڇڏين ٿا.

مخالف ڌر اڳواڻ شهريامهر چيو ته مراد علي شاهه عوام سان جيڪي واعدا ڪيا آهن کيس اهي پورا ڪرڻ گهرجن،ٻي صورت ۾ تنقيد ڪنداسين.

هن چيو ته حڪومت کي جهموري تقاضائن تي عمل ڪرڻ گهرجي، مخالفن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل نه ڪرائڻ گهرجن.

شهريارمهر چيو ته حڪومت مخالفن کي گڏ کڻي هلي ته صوبي ۾ هر بهتر عمل جي حمايت ڪنداسين، اميد ته هن ڀيري مخالف ڌر کي نظرانداز نه ڪيو ويندو.

پ پ ايم پي اي اويس شاهه ڳالهائيندي چيو ته پ پ حڪومت ڪراچي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، مراد علي شاهه کي چيو ته ڪراچي وانگر صوبي جي ٻين علائقن ۾ ڪم ڪيو ته بهتر ٿي ويندو.

هن چيو ته ملڪ ۾ اڄ جهموريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڪري موجود آهي.

اويش شاهه چيو ته پ پ  ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.

پ پ ميمبر هير سوهو چيو ته پ پ جي دور ۾ ٿر ۾ وڏي ترقي ٿي آهي، ڪوهستان ۾ پاڻي ناهي، ضايع ٿيڻ واري ڳالهه غلط آهي.

هن چيو ته اميد ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو، سنڌ ۾ وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسماعيل راهو چيو ته اين ايف سي ايوارڊ وارو معاملو مراد علي شاهه حل ڪرائيندو، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي.

هن چيو ته صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجي، پاڻي کوٽ بابت وفاق سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*