اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطلي وارين درخواستن تي نيب پراسيڪيورٽر کي سومر تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطلي وارين درخواستن تي نيب پراسيڪيورٽر کي سومر تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت نيب پاران وقت ضايع ڪرڻ تي 10 هزار رپين جو ڏنڊ به وڌو. جسٽس ميان گل حسن ريمارڪس ڏنا ته ڇا اها سٺي روايت آهي، هڪ پاسي دليل مڪمل ٿي وڃن ۽ ٻئي پاسي وقت گهريو وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس اطهرمن الله جي سربراهي ۾ بئنچ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطلي وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ته سومر تي ڪيس مڪمل ٿي ويندو.

جنهن تي جسٽس گل حسن ريمارڪس  ڏيندي چيو ته اوهان ڪهڙي بنياد تي ڪيس ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪري رهيا آهيو؟ منهنجي 18 سالا پريڪٽس دوران اهڙو ڪو به مثال  موجود نه آهي.

جسٽس اطهر من الله نيب پراسيڪيوٽر کان پڇا ڪئي ته ڇا نيب اوهان تي اعتماد نه پئي ڪري، جنهن تي نيب  پراسيڪيوتر سردار مظفر عباسي چيو ته لاڳاپيل اٿارٽي کان هدايت وٺڻي آهي، مون کي پڇڻو آهي ته ڪيس کي جاري رکي سگهان ٿو يا نه؟

ان موقعي تي سردار مظفر ۽ نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

جسٽس  گل حسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته وقت ضايع ڪرڻ تي ڏنڊ هڻڻ جو سوچي رهيا آهيون، هڪ ڳالهه واضح آهي ته اوهان دليل ڏيڻ نه ٿا چاهيو.

امجد پرويز چيو ته ڊي جي نيب کي طلب ڪيو ته جيئن هو واضح موقف بيان ڪري سگهي.

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان نيب جي لکت ۾ ڪمنٽس داخل ڪرڻ واري درخواست منظور ڪيون ٿا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم باوجود دليل نه ڏيڻ تي نيب کي 10 هزار رپيا ڏنڊ وڌو.

عدالت سومر تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي  نيب پراسيڪيوٽر کي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*